ميرپورماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ لانهگو جي رهواسين احسان ابڙو، مائي اميدان، ميران ۽ ٻين ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي مائي اميدان ابڙو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته برادري جا بااثر حميد، سچل ابڙو ۽ ٻيا 8 ورهين جي معصوم نياڻي جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڇرجي گھرن ۾ گھڙي مارڪٽ ڪن ٿا.

هنن چيو ته بااثر نياڻي جو سڱ نه ڏيڻ تان کيس اغوا ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته حد جي پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.