ٻگھاڻ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٻگھاڻ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن تعلقي ڪيٽي بندر جي اڳواڻ مقبول شاهه، جمن سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چوڻ هو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي مختلف شهرن جيان انڊس ڊيلٽا جي ڇوڙ وارا علائقا ۽ ڪچو به متاثر ٿيو، جنهن سبب سوين ڪٽنب بي گھر ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته بي گھر ٿيڻ بعد برسات ۽ ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، پر سنڌ سرڪار اڃا تائين متاثرن جي سار ناهي لڌي.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير متاثر جي واهر ڪري کين ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.