ڪوٽڙي: شهرين جو روڊن رستن تان برساتن ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران روڊن رستن تان برساتن ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهرين عرفان شاهه، خليل چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ المدينا تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي سمورن روڊن رستن تي برسات ۽ نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي.

سندن چوڻ هو ته گندگي سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن پر ميونسپل عملو ڪٿي به نظر نه پيو اچي.

هنن ڊي سي ڄامشورو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ڪوٽڙي ۾ گندگي جو نوٽيس وٺي بنا دير پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.