ملڪ ۾ پيٽرول جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيٽرول شين جي نون اگهن جو اعلان نه ٿيڻ تي پيٽرول پممن جي مالڪن خريداري روڪي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپن طرفان خريداري نه ڪرڻ تي پيٽرول پمپ خالي ٿيڻ جو خدشو آهي.

پيٽرول شين جا اگهه گهٽ ٿيڻ جي خوف کان پيٽرول پمپن جا مالڪ ڪمپنين کان پيٽرول خريد نٿا ڪن، انهن جو اهو مڃڻ آهي ته پيٽرول خريد ڪرڻ کانپوءِ اگهه گهٽ ٿي ويا ته سندن نقصان ٿي ويندو.

خيال رهي ته حڪومت کي گذريل ڏينهن پيٽرول شين جي نون اگهن جو اعلان ڪرڻو هو پر هن وقت تائين نه ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.