اوپو جا ٻه نوان فون اوهان کي ضرور پسند ايندا

چيني موبائيل ڪمپني اوپو گذريل سال ايف 21 جا ٻه فون متعارف ڪرايا آهن ۽ تازو ان ڪمپني ساڳي سيريز جا اپڊيٽڊ”ايس پرو“ فون وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيا آهن

ڪمپني موجب ايف 21 ايس پرو ۾ فور جي ۽ فائيو جي سپورٽ آهي

ٻنهي فونز کي43-6 انچ جي اسڪرين سان پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرو کي سنيپ ڊريگن 680 ۽ ايس پرو فائيو جي کي سنيپ ڊريگن 695 جي چپ سان گڏ متعارف ڪيو ويو آهي

ٻنهي فونز جي بيڪ تي ٻه ڪيمرا وڌا ويا آهن جنهن مان مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جو آهي. جڏهن ته ٻه ترتيب وار ڪيمرا آهن جيڪي ٻه ميگا پڪسل جا آهن.

ٻنهي فونز جي فرنٽ تي سوني ٽيڪنالوجي جا 32 ميگا پڪسل ڪيمرا آهن ۽ ان جي ٽيڪنالوجي به اپگريڊ آهي

ٻنهي فونز کي 4600 ايم اي ايچ بيٽري ۽ 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي

فونز ۾ اٺ جي بي ريم ۽ پنج جي بي ورچوئل ريم سميت هڪ سو اٺاويهه جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي

ايف 21 ايس پرو جي هڪ فون فورجي جڏهن ته ٻئي کي فائيو جي سپورٽ آهي

انهن فونز کي تازو ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ پاڪستان سميت ٻين ايشيائي ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو وڃي

ڪمپني جي فورجي سپورٽ فون جو پاڪستاني اگهه پنجهٺ هزار جڏهن ته فائيو جي سپورٽ جي فون جو اگهه پنجهتر هزار رپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.