ڪنڌ ڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو شهر ۾ گندگي خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران شهر ۾ گندگي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن سلطان نندواڻي، ظفر سنڌي، بابو بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميونسپل عملي جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، هنڌ هنڌ ڪچري جا ڍير ۽ روڊن، رستن تي نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي.

سندن چوڻ هو ته گندگي جي آزار سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته گندگي سبب گيسٽرو ۽ مليريا سوڌو ٻين  بيمارين پڻ ڪري کنيو آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ مڪاني کاتن واري وزير کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل عملي جي نااهلي جو نوٽيس وٺي شهر جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي بيمارين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.