”نواز ۽ شهباز شريف پنهنجي محنت سان دنيا ۾ عزت ڪمائي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ واري وزير وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ چئن ورهين بعد اهڙو وزيراعظم آيو آهي جنهن کي دنيا اعتماد جوڳو ليڊر مڃي ٿي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شهباز شريف ۽ نواز شريف پنهنجي محنت ۽ قائداڻي صلاحيتن ذريعي دنيا ۾ عزت ڪمائي، شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن.

سندس چوڻ هوته وزيراعظم چيني صدر، رجب طيب اردگان، پيوٽن ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم بامقصد ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ان جو وڌيڪ ثبوت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.