جراور ۾ نوجوان جو چوري جي اين سي داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

جراور ۾ نوجوان پاران چوري جي اين سي داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

نوجوان مجاهد بوزدار جروار پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوجوان ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ سندس موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي جنهن لاءِ هو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي پر جراور پوليس اين سي داخل نه پئي ڪري.

هن چيو ته هو جڏهن به ٿاڻي تي وڃي ٿو ته اهو چئي موٽايو وڃي ٿو ته ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي موجود ناهن.

نوجوان ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جروار پوليس جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.