توشا خانا ريفرنس، شيرين مزاري اليڪشن ڪميشن تي ڪڙڪي پئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪارن ڪڪرن وانگر ڌمڪي جوڳي انداز ۾ مٿان ڦيرا ڏئي رهي آهي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته سومر تي توشا خانا انجنيئرڊ ڪيس انتهائي تعصباڻي اليڪشن ڪميشن آڏو اچي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن شريفن، زردارين، گيلانين جي توشا خانا مان گاڏين سميت تحفا وٺڻ جو نوٽيس ناهي ورتو.

اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته سمورا دستاويز موجود آهن ته عمران خان سمورا گهربل ٽئڪس ادا ڪيا آهن، توشا خانا جي تحفن جي سلسلي ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سندن هڪ سياسي ايجنڊا آهي ته ڪيئن به ڪري عمران خان کي نشانو بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.