ڏهرڪي ويجھو برسات متاثر جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ويجھو برسات متاثر پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ نئون ڪوٽ جي پرائمري اسڪول ۾ ترسيل برسات متاثر ڪٽنب همٿ لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته تازين برساتن سبب گھر ڊهي پٽ ٿي ويو جنهن ڪري اسڪول ۾ پناهه ورتي.

هنن چيو ته اسڪول ۾ پناهه وٺندي مهيني کان وڌيڪ وقت ٿيو آهي پر ضلعي انتظاميا توڙي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون.

متاثرن ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته سندن واهر ڪري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.