شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي ڪانفرنس بابت گڏيل پڌرائي جاري

سمرقند ( ويب ڊيسڪ ) ازبڪستان جي تاريخي شهر سمرقند ۾ ٿيل شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.

پڌرائي موجب ماحولياتي معاهدو گڏيل پر مختلف ذميوارين سان لاڳو ٿيڻ گهجي.

اجلاس ۾ رڪن ملڪن گڏيل معاملن ۾ مقامي ڪرنسين جو حصو وڌائڻ واري روڊ ميپ جي منظوري ڏني جڏهن ته گرين هائوس گئس جي خارج ۾ گهٽتائي آڻڻ  لاءِ هڪ ٻئي جي مدد تي اتفاق ڪيو.

پڌرائي موجب شنگهائي سهڪار تنظيم جي رڪن ملڪن توانائي واري شعبي جو انفراسٽرڪچر  بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گلوبل انرجي جي نگراني جو شفاف نظام جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.

پڌرائي ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري محدود ڪرڻ لاءِ موسمياتي ايجنڊا جو استعمال ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ چيو ته نقصانڪار گئسن جي خارج ۾ گهٽتائي لاءِ زبردستي وارا قدم سهڪار کي نقصان رسائيندا، زوري کنيل قدم موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ڪمزور ڪندا آهن.

پڌرائي موجب ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري نتجين لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، رڪن ملڪ گرين هائوس گئس خارج ۾ گهٽتائي ۽ ترقي ۾ توازن جي وڪالت ڪندا آهن، پئرس معاهدي جي مڪمل ۽ اثرائتي عمل لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.