فورڊ جي ٻن انجڻن واري ڪار هر شوقين جو خواب بڻجي وئي

دنيا ۾ هن وقت وڏيون وڏيون ڪمپنيون اليڪٽرڪ ڪار ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آهن اتي آمريڪي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني فورڊ ٻن انجڻن واري سيونٿ جنريشن ”مسٽينگ“ متعارف ڪرائي آهي جيڪا پيٽرول تي هلندي

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي رياست مشي گن جي هڪ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڪار هن وقت تائين جي سڀ کان بهترين ڪار ثابت ٿيندي جيڪا پيٽرول تي هلندي.

فورڊ جي ”مسٽينگ“ ڪار ”فائٽر جيٽ جي مشهور گيتن ۽ ڪيترين ئي فلمن جي منظرن ۾ ڏيکاري وئي آهي

فورڊ ڪمپني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن ڪار جي انٽيريئر ۽ ڪارڪردگيءَ جا فيچرز هن ڪار کي نئين دور جي سڀ کان بهترين ڪار ثابت ڪندا.

ٻين ڪمپنين جيان فورڊ به تازو الڪيٽرڪ گاڏين ٺاهڻ ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي جڏهن ته ان سان گڏ پيٽرول تي هلڻ وارين گاڏين تي به تجربو جاري رکيو آهي

فورڊ ڪمپني جي سي اي او چيو ته هن وقت جتي مسٽينگ جي نيڪسٽ جنريشن ۾ سيڙپڪاري هنن لاءِ اهم آهي اتي انهن جي ڀيٽ ۾ مختلف ڪمپنيون پيٽرول تي هلندڙ ڪارين جي ڊوڙ مان نڪرنديون پيون وڃن

بيان موجب فورڊ ڪمپني انجڻ کي ٽربولي تي وٺي وڃي رهي آهي ۽ وڌيڪ بهتري ٽيڪنالوجي ذريعي وڌيڪ منافعو ڪمائي رهيا آهن. ان کانسواءِ فورڊ ٻه هزار ڇويهه تائين فورڊ اليڪٽرڪ گاڏين ۾ پنجاهه ارب ڊالر جي وڏي سيڙپ ڪاري ڪري رهي آهي

فورڊ گذريل اٺونجاهه سالن ۾ ڪار ٺاهڻ جي تاريخ ۾ هن جديد ڪار جي ڊيزائين کي ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ڀريو آهي

ڪار جي چاٻي گهمائي انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ جي آواز جا شوقين هاڻي بٽڻ دٻائي گاڏي کي اسٽارٽ ڪري سگهندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.