اهي جايون جتي سڀ کان وڌيڪ لک پتي رهن ٿا

آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ لک پتي رهندا آهن.

برطانوي ڪمپني هينلي اينڊ پارٽنرز جي ڊيٽا موجب هن وقت لک پتي يا دولت مند ماڻهو آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ رهندا آهن جن جوانگ ٽي لک پنجيتاليهه هزار ڇهه سو آهي

رپورٽ موجب لک پتي ماڻهو انهن کي چيو پيو وڃي جن وٽ هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڊالرز کان وڌيڪ دولت جي ملڪيت آهي

جاپان جو شهر ٽوڪيو ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي جتي ٽي لک چار هزار نو سو لک پتي ماڻهو رهندا آهن. آمريڪي شهر سين فرانسسڪو ان لسٽ ۾ ٽئي نمبر تي آهي جتي رهندڙ لک پتي ماڻهن جو انگ ٻه لک ڇاهتر هزار چار سو ماڻهو رهندا آهن

رپورٽ موجب برطانوي شهر لنڊن چوٿين پوزيشن تي آهي جتي هن وقت ٻه لک ٻاهتر هزار چار سو لک پتي ماڻهو رهن ٿا

سنگارپور پنجين نمبر تي آهي جتي ٻه لک اڻونجاهه هزار اٺ سو لک پتي ماڻهو موجود آهن

ان لسٽ ۾ آمريڪي شهرن لاس اينجلس جو نمبر ڇهون، شڪاگو جو ستون ۽ هيوسٽن جو نمبر اٺون آهي جڏهن ته چين جو شهر بيجنگ ۽ شنگهائي ان لسٽ ۾ نائين ۽ ڏهين نمبر تي آهن

رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٻه هزار ٻاويهه جي پهريان ڇهن مهينن ۾ انهن ڏهن ملڪن مان ستن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ گذريل سالن ۾ گهٽتائي نظر آئي آهي. رڳو نيويارڪ شهر ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻارنهن سيڪڙو جڏهن ته ٽوڪيو ۾ اٺ سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي

جن ملڪن ۾ لک پتي ماڻهن ۾ واڌارو نظر اچي پيو انهن ۾ سعودي عرب اندر پهرين نمبر تي رياض، ٻئي تي شارجا ۽ چوٿين تي دبئي آهي.

ابظهبي ان لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي جتي ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ۾ واڌارو نظر اچي پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.