رُپئي جي مُلهه ۾ لاٿ تي اسٽيٽ بئنڪ ڪهڙي صورتحال ۾ مداخلت ڪندو؟ ڊپٽي گورنر ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر عنايت حسين چيو آهي ته توانائي ۽ رُپئي جي مُلهه ۾ لاٿ جو ڪارڻ مهانگائي آهي، ٻوڏ سبب مهانگائي ۾ واڌ آئي آهي.

ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر عنايت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي .

ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب مهانگائي 27.3 سيڪڙو رهي، مهانگائي نه رڳو پاڪستان پر اُسريل ملڪن ۾ پڻ آهي، شين جي عالمي سطح تي اگهن، توانائي ۽ رُپئي جي قدر ۾ لاٿ جو ڪارڻ مهانگائي آهي، ٻوڏ سبب مهانگائي ۾ واڌ آئي.

سندس چوڻ هو ته گهڻي قدر ملڪ ڪرنسي کي مارڪيٽ تي ڇڏي ڏيندا آهن، مارڪيٽ جي اڪسچينج ريٽ تي ڪرنسي جا بهتر نتيجا نڪرندا آهن، 2019ع ۾ حڪومت اڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ تي ڇڏيو ڏنو.

ڊپٽي گورنر چيو ته اسٽيٽ بنئڪ ڪرنسي ۾ مداخلت ناهي ڪندي، اسٽيٽ بئنڪ تڏهن مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪندي جڏهن مارڪيٽ ۾ غيرمعمولي سرگرمي هجي، آءِ ايم ايف سان پڻ اهو معاهدو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف جي قسط تي ڊالر تي فرق پيو هو، مئي، جون جولاءِ ۾ رپئي جي قدر ۾ تمام گهڻي لاٿ آئي، 28 جولاءِ تي ڊالر 240 رُپين تي هليو ويو ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي خبرن سان ڊالر جي مُلهه ۾ 26 رُپين تائين لاٿ آئي.

سندس چوڻ هو ته رپئي جي مُلهه ۾ لاٿ روڪڻ انتظامي قدم کنيا، ڪجهه اهڙيون پابنديون لڳايايون جيڪي نه لڳائڻ گهرجن ها، گاڏين، گاڏين جي پرزن، موبائيل فون تي درآمدي پابنديون لڳايون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.