” مخالفن تي ٽوڪون ڪندڙ پاڻ ليٽر ۽ ڪلو جو فرق نٿو ڄاڻي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته مخالفن تي ٽوڪون پاڻ ليٽر ۽ ڪلو جو فرق وساري ويٺو آهي.

موسمياتي تبديلين بابت وفاقي وزير شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻين جي غلطين تي تڏهن ڳالهايو جڏهن توهان پاڻ غلطيون نه ڪندا هجو، جيڪڏهن اها غلطي ڪنهن ٻئي کان ٿئي ها ته تحريڪ انصاف ان خلاف مهم شروع ڪري چڪي هجي ها.

هن چيو ته عمران خان ڀلي غلطيون ڪري اسان هن جون غلطيون درست نه ڪنداسين پر کيس ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان جي زبان ترڪي سگهي ٿي ۽ غلطي هر ماڻهو ڪري سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.