مشن ورلڊ ڪپ لاءِ  سريلنڪن ٽيم جو اعلان ، ٻه زخمي بالر به شامل

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم سريلنڪا پڻ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سريلنڪن ٽيم جي قيادت داسن شاناڪا ڪندو ۽ ٻين رانديگرن ۾ گوناٿالاڪا، نسانڪا، ڪوشل مينڊس،اسالنڪا، ڀانوڪا راجا پڪسا، ڌننجيا ڊي سلوا، هسارنگا ۽ مهيش ٿيڪشانا شامل آهن.

جيفري وينڊرسي، ڪرونارتني، مڌوشانڪا، ۽ پرمود مڌوشان پڻ سريلنڪن ٽيم جو حصو آهن.

سريلنڪن ٽيم ۾ ليهارو ڪمارا ۽ دشمانتا چميرا جي شموليت فٽنس سان مشروط آهي.

ريزرو رانديگرن ۾ اشين باندرا، پراوين جي وڪرما، دنيش چنديمل، بنورا فرنينڊو ۽ نوانيڊو فرنينڊو شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.