ڦڦڙ ۾ پلاسٽڪ جا ذرا اچي وڃن ته ڇا ٿيندو؟ سائنس جي نئين تحقيق

ان وقت ڇا ٿيندو آهي جڏهن پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا جسم ۾ ويندا آهن؟ ان بابت ماهرن نئين تحقيق ڪئي آهي.

اي سي ايس انوائرمنٽل سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي رسالي ۾ ڇپجندڙ تحيقيقي رپورٽ موجب پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا جگر ۽ ڦڦڙن جي خلين ۾ داخل ٿي انهن کي متاثر ڪندا آهن جنهن سبب صحت کي هاڃو رسندو آهي

ماهرن چيو ته روزانو پلاسٽڪ جي استعمال کان بچڻ ته ممڪن ناهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي آس پاس پلاسٽڪ ٺهندي به آهي ۽ شين جي پيڪنگ پڻ پلاسٽڪ سان ٿيندي آهي جڏهن ته انهن شين مان پلاسٽڪ جي زرڙن جي نيڪالي ٿيندي آهي جيڪا حادثاتي انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندي آهي

تازي رپورٽ ۾ ماهرن چيو ته ليبارٽري ۾ سو نانو ميٽر کان ننڍڙا زرڙا جانورن جي رت ۾ شامل ڪيا ويا جنهن سان ورم ۽ اعصابينظام ۾ تبديلي نظر آئي

انهن کي ڏسي ليبارٽري ۾ انساني جگر ۽ ڦڦڙن جي خلين کي تيار ڪيو ويو جنهن ۾ اسي نانو ميٽر واري حجم جا پلاسٽڪ زرڙا شامل ڪيا ويا

ٻن ڏينهن بعد مائيڪرو اسڪوپي تصويرن مان ثابت ٿيو ته پلاسٽڪ جا زرڙا خلين کي ختم ڪرڻ کانسواءِ انهن جي اندر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن

ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ماهرن خلين جي مائيٽوڪونڊريا جو جائزو ورتو آهي

نتيجن مان معلوم ٿيو ته جگر ۽ ڦڦڙڻ جي خلين جيترن پلاسٽڪ زرڙن کي منهن ڏيندا آهن انهن جي ڪم ڪرڻ  جي صلاحيت ايتري متاثر ٿيندي آهي

ڪجهه ڪيسز ۾ مائيٽوڪونڊريا جي ڪم کي غيرفعال ٿيندي به ڏٺو ويو آهي ۽ ماهرن ٻڌايو ته ان مان اهو ثابت ٿيئي ٿو ته پلاسٽڪ جا زرڙا جگر ۽ ڦڦڙڻ کي نقصان رسائيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.