شاهين آفريدي پنهنجا خرچ پاڻ ڀريا: پي سي بي مڃي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيت بورڊ باضابطا بيان ۾ چيو آهي ته پي سي بي پليئرز جي علاج ۽ ري هيب جي خرچن جي ذميواري هميشه کڻندو رهيو آهي ۽ اڳتي به کڻندو رهندو جڏهن ته معاملي تي وڌيڪ جاچ دوران پي سي بي ذريعن چيو آهي ته دبئي کان لنڊن روانگي لاءِ ٽڪيٽ شاهين آفريدي پاڻ آن لائن بڪ ڪرائي هئي ڇو ته وقت جي کوٽ سبب لاجسٽڪ جو باضابطا پراسس نه هلي سگهيو هو.
پي سي بي ذريعن موجب دبئي کا لنڊن جي ٽڪيٽ شاهين آفريدي پاڻ ادا ڪئي جڏهن ته شاهين جي ري هيب جا خرچ پي سي بي طرفان فاسٽ بالر کي ادا ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.