گهٽي ۾ مٽي اڇلائڻ جي معمولي ڳالهه تان ڀاءُ هٿان ٽي سڳا ڀائر قتل !

قصور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي قصور جي پوليس موجب خميس واري ڏينهن ننڍي تڪرار تان اڳوڻي فوجي فائرنگ ڪري ٽن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي

منڊي عثمان والا ٿاڻي ۾ لکيل ايف آءِ آر موجب گاڙي والا علائقي ۾ ڏينهن جو يارنهن وڳي ٽي ڀائر محمود، سليم ۽ جميل مٽي جو ڪم ڪري رهيا هيا جڏهن جاويد اقبال نالي ماڻهو پمپ ايڪشن بندوق جو فائر ڪري وڌو

مقتول جي زال نسرين پوليس ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته محمود جي گهر سامهون ٽئي ڀائر مٽي جو ڪم ڪري رهيا هيا ڇاڪاڻ ته تازين برساتن سبب گهر ويجهو پاڻي گڏ ٿييندو هو جنهن سبب هنن کي ڏکيائون ٿينديون هيون. ڳلي هيٺ هجڻ ڪري هنن مٽي وڌي جيئن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳلي کي ٿورو مٿي ڪيو وڃي

اتي موجود ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڳلي ۾ تازي مٽي وجهڻ تي جاويد اقبال پنهنجي ٽنهي ڀائرن کي روڪيو ۽ ڳالهه ٻولهه تڪرار ۾ تبديل ٿي ته جاويد اقبال گهر وڃي بندوق کڻي آيو.

مقتول محمد سليم جي گهرواري نسرين چيو ته جاويد اقبال جي فائر سان سڀ کان پهريون سندس مڙس ٿڏي تي مري ويو جنهن بعد جوابدار ٻن ڀائرن تي فائر ڪيا

علائقي جي ايس ايچ او عمران جاويد موجب جميل احمد موقع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته باقي ٻن ڀائرن سليم ۽ محمود کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪي رستي ۾ لاڏاڻو ڪري ويا

ايس ايچ او چيو ته جڏهن ريسڪيو يارنهن سو ٻاويهه کي ڪال ڪئي وئي ان ئي وقت پوليس کي پندرنهن تي ڪال ڪري گهرايو ويو تيستائين جوابدار فرار ٿي چڪو هو

ڊي پي او قصور ٻڌايو ته پوليس فوري پهچي ثبوت گڏ ڪيا آهن. جوابدار جي ڳولا لاءِ ٽيڪنالوجي جي مدد ورتي پئي وڃي . جلد پوليس جوابدار کي پڪڙي وٺندي.

ان واقعي جو نوٽيس آءِ جي پنجاب به ورتو آهي جنهن بعد جوابدار جي ڳولا ۽ ڪيس جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

وارثن موجب فائرنگ ڪندڙ ريٽائرڊ فوجي آهي جنهن جو تعلق ڪمبوهه برادري سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.