ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته 13ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئيٽا جي علائقي پود ڪلي چوڪ وٽ رڪشا ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪمن ۾ رُڌل آهن.

اختيارين موجب ڌماڪي جي زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، پنج زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.ا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.