ڏکڻ ڪوريا مارجي ويل فوجين جا وڌيڪ ڍانچا چين حوالي ڪري ڇڏيا

سيئول(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا ستر سال اڳ مارجي ويل چيني فوجين جي ڍانچا چين حوالي ڪري ڇڏيا.

چين جو فوجي جهاز ڏکڻ ڪوريا جي انجيون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو.

ڏکڻ ڪوريا جي نوَ فوجي اهلڪارن نوَ ڪاٺ جا دٻا چيني اهلڪارن حوالي ڪيا.

انهن دٻن ۾ ستر سال اڳ ڪورين جنگ دوران مرندڙ چيني فوجين جا هڏا هئا جن کي وٺڻ جي لاءِ سيئول ۾ مقرر چيني سفر پاڻ به موجود هو.

ٿيندڙ تقريب ۾ اٺاسي فوجين جا هڏا چين جي حوالي ڪيا ويا.

انکان اڳ ڏکڻ ڪوريا ٻه هزار چوڏهن کان ٻه هزار ايڪويهه تائين اٺ سئو پنجويهه چيني اهلڪارن جا هڏا واپس ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته اڻويهه سئو پنجاهه ۾ بيجنگ ڪورين علائقي ۾ اڍائي لک فوجي موڪليا هئا ته جيئن ان وقت جي اتحادي اتر ڪوريا کي جنگ ۾ مدد ڪئي وڃي.

اتر ڪوريا خلاف ڏکڻ ڪوريا، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ مهاڏو اٽڪائي بيٺل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.