”جلدي وڏي ٿي وڃ، توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“ امجد خان جي حياتي جو دلچسپ قصو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ جڏهن به ولن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته 1975ع جي فلم شعلي جي گبر جو ذڪر ضرور ٿيندو آهي.
جيتوڻيڪ امجد خان وڇڙي ويو آهي پر کيس هميشه گبر جي ڪردار جي ڪري ياد ڪيو ويندو آهي
سندس ڪردار جيان سندس ڪهاڻيون به ڪافي مشهور آهن.
امجد خان جي زال جو نالو شيلا خان آهي، ٻنهي جي شادي 1972ع ۾ ٿي هئي.
امجد خان شيلا کي ان وقت ئي پسند ڪري ويٺو هو جڏهن هوءَ رڳو 14 سالن جي هئي، ان ڳالهه جو ذڪر هڪ ڀيرو پاڻ شيلا ئي ڪيو هو
هڪ انٽرويو ۾ شيلا چيو هو ته هوءَ ۽ امجد خان ممبئي جي باندرا ۾ پاڙيسري هئا ۽ هو اسڪول پڙهندي هئي
شيلا جو چوڻ هو ته امجد خان ۽ هو بيڊمنٽن کيڏندا هئا ۽ هڪ ڀيري امجد خان چيو ته مون کي ڀاءُ نه چوندي ڪر
شيلا وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ اسڪول مان واپس اچي رهي هئي ته امجد خان آيو ۽ چيائين، ”ڇا توکي شيلا جي معنيٰ جي خبر آهي؟ شيلا ان کي چئبو آهي جنهن جون اکيون ڪاريون هجن.
پوءِ امجد خان چيو ته تون جلدي وڏي ٿي وڃ، مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امجد خان شيلا جو رشتو وٺڻ لاءِ سندس گهرڀاتين ڏانهن والدين موڪليا هئا پر شيلا جي پيءُ انڪار ڪري ڇڏيو هو
ان باوجود امجد خان جي شيلا سان محبت جاري رهي نيٺ هن 1972 ۾ شيلا سان شادي ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.