هندو انتهاپسند هاڻي اجي ديوگن سميت ٽن اداڪارن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڪڍ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ناليواري اداڪار اجي ديوگن ۽ سڌارت ملهوترا جي فلم ٿينڪ گاڊ به انتهاپسند هندن جي ور چڙهي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم لال سنگهه چڍا ۽ عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي فلم براهمسفر کانپوءِ هاڻي هندو انتهاپسند اجي ديوگن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڪڍ پئجي ويا آهن.

ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ هڪ هندو گروپ طرفان اجي جي فلم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪرناٽڪا ۾ فلم ٿينڪ گاڊ جي هدايتڪار اندرا ڪمار سميت فلم جي سڄي ڪاسٽ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

واضح رهي ته ان فلم جو ٽريلر نوَ سيپٽمبر تي رليز ڪيو ويندو.

فلم بابت هندو گروپ جو چوڻ آهي ته اها فلم مذهبي جذبن کي ڇيهو رسائڻ واري مواد تي ٻڌل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.