ٽڪ ٽاڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ نائو جي نالي سان نئون فيچر متعارف

ٽڪ ٽاڪ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ واري آهي

هن نئين فيچر سان واهپيدار هڪ ئي وقت فرنٽ ۽ بيڪ ڪيمرا جواستعمال ڪري وڊيو ٺاهي سگهندا

ٽڪ ٽاڪ نائو بنيادي طور تي سوشل ميڊيا ايپ بي رئيل جي هڪ فيچر جي نقل آهي

سنيپ چيٽ ۽ انسٽاگرام پهريون ئي فرنٽ ۽ بيڪ ڪيمرائن جو استعمال ڪرائڻ جا فيچر متعارف ڪرائي چڪا آهن جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ پهرين ايپ آهي جنهن بي رئيل جي فيچر کي پنهنجي سروس جو حصو بڻايو آهي

ڪمپني جي بيان موجب ٽڪ ٽاڪ نائو ۾ واهپيدارن کي ڏهه سيڪنڊ جي وڊيو يا تصوير جو نوٽيفڪيشن روزانو حاصل ٿيندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.