سنڌ جي 23 ضلعن ۾ وڏي پئماني تي ڀرتين جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ سبب سنڌ جي 23 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته انهن ضلعن ۾ عارضي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انهن ضلعن ۾ 600 ميڊيڪل آفيسرز، 400 ليڊي ڊاڪٽرز، 400 ٽينيشن ڀرتي ڪيا ويندا.
نوٽيفڪيشن موجب 400 اسٽاف نرسز، 250 مڊوائيف، 500 ويڪسينيٽرز عارضي ڀرتي ڪيا ويندا.
ڊپٽي ڪمشنر، ڊي جي هيلٿ ۽ ٻين تي ٻڌل ڪاميٽي تجويزون گڏ ڪري منظوري وٺندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.