ڪنڊلي نه ملڻ تي بُرو شگون ۽ ايشوريا راءِ جي وڻ سان شادي وارو معاملو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي شادي فلم انڊسٽري جي انهن شادين مان هڪ هئي جنهن کي ڀارتي ميڊيا سميت انٽرنيشل ميڊيا تي به گهڻي شهرت ملي.

ٻه هزار ست ۾ ٿيندڙ ان شادي کي انڪري به حد کان وڌيڪ شهرت ملي ڇو جو ان وقت اداڪار جوڙن جو انگ گهڻو نه هو، اداڪار ۽ اداڪارائن جون شاديون ايتريون عام نه هيون جيتريون هاڻي ٿي ويون آهن. انکانسواءِ ايشوريا راءِ ان وقت پنهنجي ڪيريئر جي وڏي اوچائي تي هئي ۽ سندس ڪيترن ئي ٻين اداڪارن سان عشق محبت جون خبرون به هلندڙ هيون.

تنهن هوندي به اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ جي شادي تي اهي افواهه به گردش ڪندا رهيا ته اداڪارا جي ڪنڊلي اڀيشيڪ جي ڪنڊلي سان نٿي ملي ۽ ايشوريا ”مانگلڪ“ آهي. جنهن جي ڪري اداڪارا اڀيشيڪ سان شادي کان اڳ وڻ سان شادي ڪرائي ويندي.

هندو مذهب ۾ اهو مڃيو ويندو آهي ته جيڪو به شخص مانگلڪ هوندو ته ان جو همسفر مڙس يا زال شادي جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ زندگي وڃائي ويهندو. انڪري خراب شگون سان بچڻ جي لاءِ ان شخص جي اڳ ۾ ڪنهن وڻ يا جانور سان شادي ڪرائي ويندي آهي.

اها خبر ان وقت ڦهلجڻ شروع ٿي هئي جڏهن اڀيشيڪ جي گهروارن اهو اعلان ڪيو ته شادي انهن جي رهائش گاهه ”جوهو“ ۾ ٿيندي ۽ گهڻي لڙ بکيڙو نه ڪيو ويندو جنهن جي ڪري ماڻهن کي ڳڻتي ورتو ته آخر مسئلو ڪهڙو آ؟

شادي کانپوءِ هڪ انٽرويو ۾ ايشوريا ان موضوع تي ڳالهائيندي چيو هو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته اها ڳالهه ڪاڏهون آئي؟ مان جڏهن به ٻاهرين ملڪ ويندي آهيان ته ماڻهو اهو ئي پڇندا آهن ته ڇا توهان جي وڻ سان شادي ٿي هئي؟

ايشوريا موجب ڀارتي ميڊيا شادي منهنجي شادي جي حوالي سان انتهائي غير ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي جنهن جو کيس ڏک آهي.

جڏهن ته اميتاب بچن هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته ڪٿي آهي اهو وڻ؟ ڏيکاريو مونکي!، ايشوريا جي شادي رڳو منهنجي پُٽ سان ٿي آهي، توهان کڻي ائين سمجهو ته اهو وڻ منهنجو پُٽ ئي آهي.

واضح رهي ته انڊيا ۾ اڄ به ماڻهو اهو ئي سمجهندا رهندا آهن ته ايشوريا راءِ جي شادي پهريون وڻ سان ڪرائي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.