سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثر امداد نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج، مک شاهراهن تي ڌرڻا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن امداد نه ملڻ تي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سکر، جيڪب آباد، ۾ روڊ بلاڪ ڪيا ويا، بدين ۾ سم نالي ۾ ڪٽ لڳائن جا حامي ۽ مخالف آمهون سامهون ٿي پيا ۽ ٻن ڌار ڌار هنڌن تي ڌرڻو هنيو ويو.

هوڏانهن سانگهڙ ۾ رولو ڪتن حملو ڪري چئن ٻوڏ متاثرن کي زخمي ڪري ڇڏيو، چويهه ڪلاڪن دوران چئن عورتن سميت اٺ ڄڻا ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن.

جيڪب آباد ۾ بيگاري ڪئمپ ويجهو ٻوڏ متاثرن ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو، مظاهرو ڪندڙن ڳڙهي خيرو روڊ وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب رتو ديرو، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي متاثرن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي آهي، گهر سميت زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، عورتون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ روڊن تي پناهه وٺڻ تي مجبور آهن، پر حڪومت توڻي انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جي سار ناهي لڌي وئي.

سکر ۾ متاثرن امداد نه ملڻ خلاف روهڙي ۾ سراپا احتجاج بڻجي ويا، مظاهر ۾ عورتن ۽ ٻارن پڻ شامل ٿي فوري امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو.

سجاول ۾ به متاثرن جو امداد نه ملڻ تي صبر جواب ڏئي ويو، ٺٽي، سجاول روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، متاثرن جو چوڻ هو ته گهر ۽ فصل ٻڏي ويا پر امداد من پسند ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي.

بدين ۾ ايل بي او ڊي اسائنل ڊرين جي آرڊي 211 تي ڪٽ ڏيڻ جي حامي ۽ مخالف هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا، ڪٽ لڳائڻ جي حامي طرفان کوسڪي باءِ پاس وٽ جڏهن ته ڪٽ جي مخالفت ڪرڻ واري ڌر نيوي  چڪ وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب بدين کان ٿرپارڪر ڏانهن وينڊر روڊ ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.