اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ 21 سيپٽمبر تي ڪندي.

جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي به 2 رڪني بئنچ جو حصو هوندو، عدالت ڪيس جي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اسحاق ڊار اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي ناڻي وارو وزير اسحاق دار چار ورهيه پاڪستان ڇڏي لنڊن هليو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.