خرم دستگير دادو پهتو، ڪي اين شاهه ٻڏڻ ۾ ڪوتاهي جو اعتراف

دادو (ويب ڊيسڪ) توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير دادو پهتو جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن ڪي اين شاهه شهر ٻڏڻ ۾ ڪوتاهي جو اعتراف ڪندي ڪوتاهي ڪندڙن کي به وائکو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
صحافين سان ڳالهائيندي خرم دستگير جو چون هو ته ڪوتاهي هڪ فرد نه پر گڏيل طور تي ٿي آهي جيڪي ذميوار هوندا انهن بابت فيصلو ڪبو.

سندس چوڻ هو ته 2010 واري ٻوڏ مان سبق سکڻ گهربو هو پر هاڻي ضرور سبق وٺنداسين.
هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب هاڻي برساتون ۽ ٻوڏ اسان جو حصو بڻجي ويون آهن هاڻي اسان کي اڳ واٽ تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته دادو ضلعي ۾ ريسڪيو جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي هاڻي بحالي وارو ڪم جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.