عمران جو تڪبر، انا ۽ غرور غرق، جي آءِ ٽي ۾ پيش

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان جو تڪبر، انا ۽ غرور قانون مٽيءَ  ۾ ملائقي ڇڏيو، عمران خان جنهن آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ جج کي ڌمڪيون  ڏنيون ۽ للڪاريو هو ان ئي  عمران خان کي ايس ايس پي آڏو جوابدار جي حيثيت ۾ پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا  پئجي ويا.

نامياري صحافي گوهر بٽ  جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان دهشتگردي ڪيس واري جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي  ۾ پيش ٿيڻ کان لنوائي رهيو هو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻي پوندي جنهن کانپوءِ عمران خان مجبور ٿي جي آءِ ٽي ۾ جوابدار طور سوالن جا جواب ڏنا.

ان صورتحال مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ادارن عمران خان کي اصل حيثيت ۾ آڻڻ  جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ابتدا ٿي چڪي آهي، عمران خان تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن ۽ هاڻي هر ڪيس ۾ هر عدالت ۾ کيس پيش ٿيڻو پوندو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 2022-09-16 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.