بدر ابڙي پاران سَهيڙيل ڪتاب ” عَلامه علي خان ابڙو “ جو مختصر جائزو

امين جويو

هي ڪتاب سائين بدر ابڙي پنهنجي ڏاڏي ، عَلامه علي خان ابڙي جي زندگي ۽ سندس عِلمي خدمتن جي باري ۾ لکيو آهي ۽ پنهنجي خاندان جي عِلمي ۽ اَدبي پورهيي جي هِڪَ صَدي کان به وڌيڪ تواريخ سَهيڙي ، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪئي آهي.

ليکڪَ هن ڪتابَ جو اِنتساب هنن لفظن سان ڪيو آهي ته؛ ” عَلامه علي خان ابڙي جي والد ، فقير عمر خان سانگي (ابڙو) جي نالي، جنهن اُن وقت پنهنجن پُٽن کي اَعليٰ تعليم ڏياري  جڏهن سنڌي مسلمانن ۾ علم حاصل ڪرڻ جو شعور ڪونه هو “ . مطلب ته هِن ڪتابَ ۾ هُو پنهنجي پڙڏاڏي جي سوچ ۽ فِڪر جي ڳالهه به ڪَري ويو آهي ته سندس اِن بهترين عمل جي واکاڻ به ڪئي اٿس.

هي ڪتاب سَهيڙڻ ۾ ثناءُالله سومري به ليکڪَ جي مدد ڪئي آهي ، جنهن جو اظهار هُن پنهنجي پاران لکيل ٻِن اکرن ۾ هِن رِيت ڪيو آهي ته ؛ ” هِي ڪتاب سهيڙڻ ۾ ثناءُالله سومرو به گڏجي پيو…! سچ پچ ته مَواد سَهيڙڻ ۾ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ هُن ، عَلي خان ابڙي صاحبَ سان پنهنجي مُحبت جو پورو ثبوت ڏنو . مون مَواد سهيڙڻ لاءِ تڏهوڪين اخبارن ۾ اِشتهار شايع ڪرايا هئا ۽ ثناءُالله کي شهر شهر وڃي لائبررين مان مَواد ڳولڻو پيو هو .“

ليکڪَ مطابق ، عَلامه عَلي خان ابڙو 1890ع ڌاري ، ميهڙ ڀرسان ڳوٺَ ، سانگِي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پوريءَ طرح شمس العُلماءَ دائود پوٽي جو همعصر آهي ، جنهن جو دور ( 1886ع کان 1968ع ) وارو آهي. اُن کان سَواءِ سندن ٻيا همعصر اديب ۽ عالم مولانا دِين محمد وفائي ( 1893ع کان 1950ع ) ، ڀيرو مَل مهرچند آڏواڻي ( 1876ع کان 1947ع ) ۽ خان بهادر محمد صديق ميمڻ وغيره آهن . عَلامه عَلي خان ابڙو رٽائرمينٽ کان پوءِ دِل جي بيماري جي تڪليف سبب ، حيدرآباد ۽ ڪَراچي جو ماحول ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ گوشه نشين ٿي ، قُرآن شريف جي ” تفسير المُنير“ جي نازڪ ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ان دوران هو عِلمي ماحول ۽ مُذاڪرن کان پاسيرو رهيو ۽ ٽِن چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ آگسٽ 1954ع ۾ گُذاري ويو ، سندس آخري آرام گاهه ، قائم شاهه بُخاري جي درگاهه جي اُتر ۾ آهي.

سندس عِلمي پورهيو ” تَفسير المُنير “ سندن حياتي ۾ ته ڪو نه ڇپجي سگهيو ، پر اهو پورن پنجاهه سالن کان پوءِ 1994ع ۾ سِنڌيڪا پبليڪيشن وارن ڇپرايو.

هي ڪتابُ ” عَلامه عَلي خان ابڙو “ ڪُل چئن حصن تي ٻَڌل آهي . پهرئين حصي ۾ سندن شخصيت ۽ شاعري ڏنل آهي . ان کان سواءِ هن حِصي ۾ سندن شخصيت بابت؛  مُحترم اياز قادري ، مُحترم جَمال ابڙي ، عبدالستار ڀَٽي ۽ فيض محمد سِيالَ پنهجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

هن ڪتابَ جي ٻئي حصي ۾ دين اِسلامَ بابت لکيل آهي ، جنهن ۾ عَلامه عَلي خان ابڙي اِسلام جي رُڪنن تي لکڻ کان سَواءِ صَلوات ، تَسبيح ، وَظيفن ، تقديرَ ، تَصوف، عقل ، روحاني جذبن ، تعليمات اِسلام ، حيات النبي ، قُرآن شريف ۽ قانون ، مُحبت جو اِسلامي فَلسفو ، حَج ، مذهب ۽ اقتصادي حالتون ، اِسلام ، اِتحاد ۽ نِظام، عيدالعضحيٰ ، عاشورا ، آزادي ۽ غُلامي ، پِير ۽ سندن ڪَرامتون ، سادگي ، تَصنيفات ۽ تَرقي ، فِقهه شريف ، دِيني ڪتابن جي ضرورت ۽ تَواريخ اِسلام جي ڪجهه واقعن تي لکيو آهي.

ڪِتابَ جو ٽِيون حِصو تعليم ۽ تَدريسَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عَلامه عَلي خان ابڙي ؛ اِبتدائي تعليم جي حالت ، ماسترن جا فرض ۽ جَوابداريون ، تَعليم ۽ تَرقي ، تَعليم جي ضرورت ۽ اهميت ، عِلم ۽ تَرقي ، دِماغي تعليمَ ، سَبقن جي سَمجهاڻي ۽ انهن تي سَوال پُڇڻ ، وَرنيڪيولَر فائينل امتحان 1928ع جي مضمون جو پيپر ، مِڊل اسڪول اسڪالرشپ اِمتحان سڀني قومن جي شاگردن لاءِ کُليل چَٽا ڀيٽي ، بُلند خيالي ، سُٺا اَکرَ ، ڪجهه تعليمي تجربا، ٽيٽيهه سيڪڙو مارڪُون ۽ ڪي تعليمي هدايتون ، ٽريننگ ڪاليج جي پهرئين سال جي شاگردن جو اِمتحان ، زَناني تعليم ، زَنا ۽ جوهرَ جي عَصمت ، ٻاراڻن ڪلاسن بابت ڏِنل هِدايتن جو انتخاب ، مُلا اسڪولن ( مدرسن ) جي سَچائي ۽ ڪَمَ ، مُلا اسڪولن جو دفتر ، مُلا اسڪولن کي نائبَ ڏيڻ ، مَڪتبن لاءِ جاين جا قِسمَ ، عامُ واقفيت وڌائڻ ، تَدريس لاءِ ضروري ڳالهيون ، ضروري اطلاع ، صفائي ، سَرڪيولرز ، جاگرافي ڪيئن سيکارجي ، تعلقي جي جاگرافي ، تعليم جي اهميت ، پڙهائڻ جو هُنرُ ، ٻاراڻن ڪِلاسن بابت ڏِنل هِدايتن جو انتخابُ ، يَڪ تندرستي هزار نعمت ۽ شاگردن کي خِطاب جهڙن موضوعن تي تفصيل سان لِکيو آهي.

هن ڪِتابَ جو چوٿون ۽ آخري حصو مُتفرقه مضمونن ۽ مقالن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سائين عَلي خان اَبڙي جا هي مضمون ۽ مَقالا شامل آهن. ڳوٺاڻن جو سُڌارو ، ڪامل تندرستي جا اِسرارَ ، ڪالرا يا وَبا ، نئون سنڌي وِياڪرڻ ، پيسٽالازي ، اَئٽلس جاگرافي تعلقو قنبر ، نئون اَروگيه و گِيان ، ديباچو ، بَدن جي بناوٽَ ، تَرقي سنڌ مسلم ، سولي سنڌ جي تواريخَ ، وَزيرَ ۽ ڪامورا ، پاڪستان جو دَستور ۽ آزادي ۽ غُلامي.

هي ڪِتاب نَو سئو ٽيتاليهه صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو سنڌيڪا پبليڪيشن ڪراچي وارن سن 2010ع ۾ ڇَپائي پڌرو ڪيو هو.  جن دوستن کي عَلامه عَلي خان ابڙي جي زندگي ۽ عِلمي خدمتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي هُجي ، اُهي هِي ڪتاب ضرور پڙهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.