ٻڏندڙ سنڌ جون تبديليءَ ڏانهن تيز وِکوُن……

غلام رسول چانڊيو

سنڌ سان رهزنيءَ جو سلسلو ڪو نئون ناهي، پري کڻي نه به وڃجي، رڳي 17 فيبروري 1843ع تي انگريزن هٿان سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ 24 مئي 1844ع جو اهو بدترين ڏينهن اچي ٿو جنهن ڏينهن تي حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ غدارن لاءِ هڪ درٻار جو انتظام ڪيو ٿو وڃي، ان درٻار ۾ سنڌ جا 3200 سئو غدار شريڪ ٿي، جاگيرن عيوض سنڌ جو سئودو ڪري انگريزن جا ڪاردار مقرر ٿي، ڌرتي ماءُ جي ڪک ۾ هڪ اهڙو ڇرو کُپائين ٿا جنهن مان صديون گذرڻ کان پوءِ به رت ٽمندو رهي ٿو، انهن جاگيردارن جي اولاد مان اڪثريت اڄ به اسان مٿان ٿاڦيل آهي.

۽ پوءِ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، سنڌ غدارن جي ور چڙهي وڃي ٿي ۽ پوءِ هي معصوم ڌرتي لاڳيتو هڪ اهڙي ڪربلا بڻجي وڃي ٿي، جنهن جي سورن ۽ اذيتن جو ماتم جاري رهي ٿو، ڀوتارڪي ڀيل، سنڌ جو رت ست چوسي، سنڌ کي اچي ان هنڌ بيهاري ٿي جو امير سنڌ جي مائي ڀاڳل پئناڊال جون ٻه گوريون خريد ڪري نه ٿي سگهي.

ڀوتارڪي غدارين جو جهان سنڌ جو ساھ سڪائي سوڙهو ڪري اهڙو حشر ڪري ٿو جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ماڻهو ساه مُٺ ۾ ڪري جيئن ٿا ۽ معصوم نياڻيون هيسيل، هراسيل ۽ ڊڄي ڊڄي جيئن ٿيون.

صوبيدارن کان ويندي صحافين تائين، اديبن کان ويندي سماج سڌارڪن تائين، اهي ڀوتار سنڌ جي پئسي تي بنھ سستي اگھ سان خريد ڪري وٺن ٿا. رياستي مشينري جي هر پرزي جي ڪُنجين جا ڇُڳا سندن هٿن ۾ ڇيرين وانگر ڇمڪندا رهن ٿا.

سنڌ جيڪا ووٽن ڏيڻ لاءِ مجبور ڪئي وڃي ٿي، ان سنڌ جي سُکان ۽ صدوري پاڻ کڻائي پولنگ تي پهچن ٿيون ۽ رئيس کي ووٽ ڏيئي وري وڃي ڇڳل کٽ ڀيڙيون ٿين ٿيون. رئيسَ ووٽن جو واپار ڪري جڏهن اسيمبلين ۾ پهچن ٿا ته سنڌ جي تقدير جون سسيون لهڻ شروع ٿي وڃن ٿيون، سنڌو تي ڊئمن اڏڻ جا چوري چوري معاھدا ٿين ٿا ۽ اصل مالڪن جي فونن تي وسيلن جون ڀيلون ڪرائي، بنگلن تي بيهودا ٽهڪ ڏئي، واڇون ٽيڙي، فخر محسوس ڪن ٿا ته هو ڦلاڻن جا ماڻهو آهن، سندن ڪير به پل ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي.

تڏهن سنڌ جو اڳئي زخمن سان چور چور ٿيل سينو وڌيڪ پروڻ ٿي پوي ٿو. مائي آمي جي لاش لاءِ ايمبولينس بجاءِ گڏهه گاڏي هجي ٿي ۽ ساران جي سورن لاء اسپتالن ۾ ڪا ٽِڪي نه ٿي هجي. جنهن روڊ سان گڏھ گاڏي تي خديجه کي ويم جي سورن سان کڻي اچجي ٿو، اهو روڊ ايترو ته بدترين هجي ٿو جو گڏهه گاڏو اڌ تان ئي موٽي، خديجه جي لاش کي کڻي وري واپس ڪفن وٺڻ لاءِ وڃي ٿو. اهي سنڌ جا سوداگر ٽٽل روڊن، ڳوٺن جي گهٽين ۽ گٽرن جا ڪاڳرن ۾ ڪيئي دفعا پئسا کائي اوڳرايون ڏيندا وتن ٿا.

انگريزن واري ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري پاليسي تي پنڌ ڪندي الڻ ۽ ولڻ کي پهريان ويڙهائين ٿا، پوءِ صوبيدار کي چئي ٻَڌائين ٿا ۽ نيٺ کانئن ڍور ڍڳا وڪڻائي، پوليس سان حصا پتيون ڪري الڻ ۽ ولڻ جو جرڳو ڪري، کين لونگڙي مرچون ملائي کير ۽ کنڊ ڪن ٿا. ائين سندن اوطاقون ۽ بنگلا ته آباد رهن ٿا پر سنڌ برباد ٿيندي رهي ٿي .

بربادي جا بنياد هيٺان کان وٺي مٿي تائين ڪجهه اهڙي انداز سان وڌل آهن، جو غريب انڪار کان اڳ اقرار جي اڏيءَ تي ڪُسي، پنهنجي تقدير، پنهنجي ئي هٿن سان ڀوتارڪي جهان جي ماگر مڇ جهڙي وات ۾ وجهي اچن ٿا، ڪن به ڇا!؟ وڃن به ڪيڏانهن!؟ سندن سياسي مستقبل جون گهٽيون ايتريون ته سوڙهيون ڪيون ويون آهن جو انهن جي آخري ڇيڙي تي وري به ڪو واٺو، واڇون ٽيڙي بيٺل نظر اچي ٿو.

آدرشي ۽ اڻ موٽ اڳواڻ هڪڙا ماريا ويا ته ٻين کي ڀاڙيو بڻائي کڳيون هڻائڻ جي ڌنڌي سان لڳايو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ قوم لاءِ پچي ۽ پڄري ٿو ته رياستي واٺا ايتري ته غليظ پروپيگنڊا ڪن ٿا جو اهو پڄندڙ ماڻهو وڃيو ماٺ ڪريو ويهو رهي. ٻيا وري هٿرادو لوٺيا، بي بڻيادا، پنج سئو جي نوٽ تي اونڌو منهن ڪرڻ وارا، سياست کان بنھ اڻ واقف، ڪورا ڄٽ، اوچتو اوچتو ائين پيدا ڪيا وڃن ٿا جو سنڌ جو سادو ماڻهو انهن واپارين ۽ پگهاردارن پٺيان لڳي پوي ٿو، ڏسندي ڏسندي چانھه چُڪي لاءِ پريشان اهو ليڊر ڊبل ڪئبن ۽ جي ايل آءِ ڪار تي گھمندي ڦرندي ڏسجي ٿو، اهڙن اڪيلن، پاڻ هُرتن ۽ پيدا ڪيل ليڊرن کي سج لٿي کان پوءِ ڀوتار جي ڪنهن بنگلي تي ”ابو ابو“ ڪندي ڏسجي ٿو.

اهي ۽ اهڙيون ڪيئي اذيتون سنڌ کي ڄئورن وانگر ڳچيءَ ۾ وڌيون ويون آهن، جيڪي هن معصوم ڌرتيءَ جو رت پيئنديون رهن ٿيون، ۽ سنڌ بي کوُنڌِي ٿي لُٽبي ۽ سنگسار ٿيندي رهي ٿي.

تازين برساتن واري هٿرادو ٻوڏ کي ئي کڻي ڏسجي ته هتان جي بي هودن ڀوتارن کي، موسميات کاتي کان وٺي هر ملڪي ۽ عالمي ادارن مهينا پهريان اڳ ڪٿيون ڪري ٻڌايو هيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري هن سال خطرناڪ برساتون پونديون، پر ٻہ مهينا گذرڻ باوجود هنن ناجائز حڪمرانن ميٽنگن، دورن ۽ بريفنگن تي ڪروڙين روپيا ته خرچ ڪري ڇڏيا، پر ٽي هزار وارو ڪو خيمو ڪنھن کي خريد ڪري نه ڏئي سگهيا، ڪنهن کي راشن جا ڪجهه ڪلو وٺي نه ڏنائون، ٻيو ته ٺهيو پر چوپائي مال جي به ڪا هنگامي بنيادن تي وئڪسين نه ڪري سگهيا. بس هڪڙو سو ڪم ضرور ڪيائون ته سنڌ جو اهو علائقو ڳوليندا رهيا، جيڪو ٻڏڻ کان بچي ويو هيو ۽ پوءِ ڪڏھن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان ڪَٽَ ڏئي، رهيا کُهيا ڳوٺ ۽ شهر به ٻوڙائي ويٺا پريس ڪانفرنسون ڪن ته اسان کي امدا ڏيو ته جيئن ان مان به اوجهھ ڀري سگهون!

سنڌ سمنڊ بڻي پئي آهي، ماڻهو روڊن تي ڌڪا کائي رهيا آهن، بدترين بيمارين وبائي شڪل اختيار ڪئي آهي، ماڻهن لاءِ ماني ڳڀو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي پر حڪمران رڳي ميڊيا تي کَڳِيون هڻي آهن ۽ ڄڻ ته ان لاءِ وزير مشير بڻايا ويا آهن ته هو اسان کي اهو ٻڌائين ته ”ڪهڙا علائقا خالي ڪريون جو ڪَٽ هڻڻ لاءِ ڪرينون نڪري چڪيون آهن“، ۽ اهو سڀ ڪجهه به ڪلاڪن جي الٽيميٽم تي ٻڌائين ٿا ته جيئن رڳو کين ووٽ ڏيڻ لاءِ سِرُ بچائي نڪرون ۽ ائين ئي ٿئي ٿو. گهر لڙهيو وڃن، مال مريو وڃن، انَ ڪَڻا پاڻي ۾ پسي ختم ٿيو وڃن، اسان غريب هٿين خالي اچيو روڊن جا ڪنارا وٺيو ويهون.

هن دفعي هٿرادو ٻوڙيل سنڌ سوچي ٿي ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي، هي ڪهڙي حڪومت آهي جنهن ۾ اسان لڙهي رهيا آهيون؟ ڇا ان لاءِ اسان بيمار پوڙهين کي به پولنگ اسٽيشنن تي وٺي ويا هياسين؟

پر هڪ اهڙي به سنڌ آهي جيڪا سوچي ٿي ته پاڻي نڪ کان چڙهي چڪو، برداشت جي حد ٿي چڪي، قرض لٿا، وياج لٿا، هاڻ هن ڀوتارڪي جهان کي هڪ اهڙي عوامي ٻوڏ سان ٻوڙڻو آهي جو کين ڀَڄَڻ جو به موقعو نه ملي ۽ هي اها ئي آهي سنڌ جنهن ڪيترن ڏينهن کان روڊن تي رلندڙ ماڻهن کي لَنگهڻ ويهنجڻ ناهي ڏنو، بيمار کي دوا ۽ ٻارڙن کي رانديڪا پهچايا آهن ۽ مسلسل پهچائي رھي آھي.

جي ها! اها ئي سنڌ، تاريخ جي وڏي تبديلي بڻجي، دنيا کي اهو ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويندي ته ”هڪ ٻڏل قوم به جڏهن همٿ ڪري ٿي ته انقلاب آڻي ڇڏي ٿي.“

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.