وارهه : پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرائيندڙ اڳوڻو يوسي چيئرمين ٻڏي فوت،سوڳ

وارھ( رپورٽ: منظورقريشي) وارھ کي ٻوڙيندڙ گهاڙ ڊرين جا گهارا بند نه  ٿي سگهيا ،تر جو زميندار ۽ يوسي نورآباد جو اڳوڻو چيئرمين علي حسن بروھي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرائي رھيو ھيو،جتي پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو ،موقعي تي بيٺل ماڻهن کيس بروقت ڪڍي سرڪاري اسپتال پهچايو،جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ، جنهن کانپوءِ ضروري ڪارواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،اھڙي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ سوڳ ۾ ھر اک آلي ٿي وئي ،لاش پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو ،سندس سان محبتي ماڻهو کٽ کي چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا،وارھ ۾ برساتي پاڻي نڪرڻ سبب سيلاب ۾ ڪمي نه اچي سگهي آھي مٿانهين تي ٽي کان چار فٽ جڏھن ته ھيٺانهين گهرن ۾ اٺ فٽ پاڻي بيٺل آھي ،جنهن ڪري  بيٺل پاڻي  ھرروز جاني نقصان ڪري رھيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.