وزيراعظم صاحب! هاڻي لاش مليا ته پوءِ حڪومت سنڀالجان: وسيم اختر

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف صاحب! ڪراچي کي هاڻي وڌيڪ لاش نه ڏجان، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهبازشريف توهان کي ان ڪري وزيراعظم نه بڻايو هو ته ڪراچي جا ماڻهو لاش کڻن،هاڻي جيڪڏهن لاش رکيو۽ لاپتا ڪارڪن بازياب نه ٿيا ته پوءِ حڪومت پاڻ سنڀالجان، هن چيو ته چيف جسٽس ۽ باجوا صاحب ٻڌائن ته اسان پنهنجون آفيسون بند ڪري ڪيڏانهن وڃون؟ هوڏانهن خالد مقبول صديقي چيو ته موجوده حڪومت ٻڌائي ته اسان توهان جو ساٿ ڇو ڏيون؟ توهان اسان جو اهو اعتماد کسي ڇڏيو جنهن جي ڪري اسان توهان سان گڏ هئاسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.