غذائي شين جي آمدني واپار ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) غذائي شين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ گذريل مالي سال جي انهي مدت جي مقابلي ۾ 4.12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ انگ اکرن واري اداري طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق  جولاءِ 2022ع ۾ غذائي شين جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 617.50 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ 2021ع جي مقابلي ۾ 4.12 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.