سنڌ ۾ پرائس ڪنٽرول ڪميٽين جو نالو نه نشان، اٽو 115 رپيا ڪلو ٿي ويو، غريب ڏچي ۾

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلع ۾ برسات ۽ سم نالن جي تباه ڪارين بعد عوام تي اٽي ۽ کير جي مافيا پاران اٽي ۽ کير جي قيمتن جو بم اڇلايو ويو آهي ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اتي جي چڪين ۽ دڪاندارن پاران ڪڻڪ جي کوٽ جو بنياد بڻائي اٽي جي قيمت ۾ واڌ ڪري اٽي 115 روپيا ڪلو مقرر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ميرپورخاص جي کيرمافيا به گاهه ۽ ٻين شين جي اگھن ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي کير جي قيمت 140 روپين مان وڌائي 160 روپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري عوام هڪ ويلي جي ماني ڳڀي چانھ جي هڪ ڪپ لاءِ پريشان ٿي ويا آهن ذريعن موجب فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي سيپٽمبر جي مهيني ۾ ملندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا جي فراهمي شروع نه ٿيڻ ۽ حڪومت پاران ڪڻڪ جو امدادي اگھ 4000 روپيا مڻ مقرر ڪرڻ ۽ برسات متاثرن کي سماجي تنظيمن ۽ سرندي وارن ماڻهن پاران کاڌي پيتي جو سامان مدد طور ڏيڻ تي ڪڻڪ بااثر واپارين ڪڻڪ پاران اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ جي اگھن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري ضلع ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آهي، ان حوالي سان رهواسين امجد حسين، عبدالعزيز، محمد سليم، فاروق احمد ۽ ٻين چيو ته اسين پورهيو ڪري پنهنجي گھر کي هلائي رهيا آهيون اسان کي مزدوري ڪرڻ تي ڏهاڙي جا 600 روپيا ملن ٿا جنهن مان گھر جوگذرسفر اڳ کي مشڪل بڻيل هو مٿان ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اٽي جي قيمتن سان گڏ کير جي قيمتن ۾ به هٿرادو طور واڌ ڪئي ويئي آهي اهڙي صورتحال ۾ پورهيت طبقو پنهنجن ٻچن کي هڪ ويلي جي ماني کارائڻ جي به قابل نه رهيو آهي پورهيتن لاءِ خودڪشي کان سواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.