نصير آباد ترسيل گاجي کهاوڙ واسي ٻوڏ متاثر نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

نصيرآباد (ن ع آ)  نصيرآباد  ڊگري ڪاليج ۾ رهندڙ گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ آڍو خان لاشاري جي رهواسي نوجوان اظهر علي ولد مزن خان لاشاري غربت سبب اپگهات ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو . فوتي نوجوان جي والد مزن خان لاشاري ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ گهر جو ڪمائيندڙ پٽ هيو مان پاڻ معذور آهيان منهنجو ٻيو پٽ به معذور آهي.. مهنجي پٽ غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي.. اسان جا گهر ٻوڏ جي پاڻي ۾ تباھ ٿي ويا آهن.. پنهنجا ڳوٺ ڇڏي هن وقت اسين نصيرآباد ۾ اچي ڊگري ڪاليج ڪئمپ تي ويٺا آهيون. هن اعليٰ عملدارن کان مدد جي اپيل پڻ ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.