ٻوڏ متاثرن ۾ 4 لک 94 هزار راشن بيگ ورهايا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي ۾ مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيو آهي. 8431 ڪلوميٽر جا 780 روڊ متاثر ٿيا آهن. 180 پليون، 1642 ڪلورٽز ۽ 2125 ڪاز ويز کي نقصان رسيو آهي. صوبائي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد ۾ مسلسل گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي پئي وڃي، تنهن هوندي به ڪوٽڙي بيراج تي هن وقت به مٿانھين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، هن چيو ته صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 646 قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 8321 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوري سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ کي پڻ شديد نقصان پهتو آهي ۽ هاڻي تائين 200317 ڍور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 1598090 گهر متاثر ٿيا آهن، جن ۾ 500249 مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 1077210 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. صوبائي وزير چيو ته برساتن۽ ٻوڏ ۾  10552903 آبادي متاثر ٿي آهي،  1666266 خاندان شامل آهن. جڏهن ته 6940907 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.  متاثرن جي لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ 41، حيدرآباد ڊويزن ۾ 296، سکر 269، شهيد بينظير آباد ۾ 579، لاڙڪاڻي ۾ 481 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 48 ريليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون  آهن. پي ڊي ايم اي، اين ڊِي ايم اي، يو اين ڊبليو ايف پي، پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس گڏيل طور 494357 راشن بيگز متاثرن ۾ تقسيم ڪيا آهن. ٻوڏ متاثرن ۾ 222584 خيما، 1852298 مھارا، 202825 پلاسٽڪ ترپال، 10157  ڪچن سيٽ، 406436 ليٽر منرل واٽر، 3500 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 1900 اسڪول ٽينٽس سميت ٻيو سامان ورهايو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.