جمال شاهه ڀرسان پيرسن مليريا ۽ بک سبب فوت،تدفين لاءِ چندو!

جمال شاھ(رپورٽ: مختيار مشوري)جمال شاھ ڀرسان يونين ڪائونسل ناٺياڻي جي ڳوٺ علي نواز شاھي جو رهواسي 60 سالن جو پيرسن علي دوست شاھي مليريا ۽ بک وگهي فوت ٿي ويو، چندو ڪري ڳوٺاڻن پاران سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن اصغر شاھي ۽ بابو شاھي جي اڳواڻي ۾ مليريا جي بيماري ۾ فوت ٿيل 60 سالن جي پيرسن علي دوست شاھي جو لاش شاخ جي ڪپر تي رکي احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، ٽينٽ ۽ مڇرداني نه ھجڻ ڪري پيرسن علي دوست شاھي مليريا ۽ بک وگهي فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.