بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر بي يارومددگار آهن: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي پنهنجي مرڪزي بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان تي نااهلن جو ٽولو مڙهيل آهي جنهن کي بلوچستان جي عوام سان ڪو به واسطو ناهي، ٻوڏ کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي، اڃا تائين بولان ۾ 50 ميٽر جو متبادل رستو نه ٺاهي سگهيا آهن، بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم بلوچستان جا 6 دورا ڪيا پر نااهل ٽولي سبب ڪي خاطرخواهه نتيجا نه ملي سگهيا، صحبت پور ۾ بيوروڪريٽ وزيراعظم کي غلط انگ اکر پيش ڪيا، 28 هزار خاندانن ۾ راشن جي ورڇ ۾ ڪا به صداقت ناهي، بلوچستان جو عوام ٻوڏ جي تباههڪارين سبب ڪسمپرسي جو شڪار آهي، اين ايڇ اي وزيراعظم کان ڪوڙي ڪارڪردگي تي 50 لک رپين جو انعام به وٺي ڇڏيو، اين ڊي ايم اي سميت سمورا ادارا ناڪام ٿي ويا آهن، رليف جي منصفاڻي ورڇ نه پئي ٿئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.