خورشيد شاهه پاران سينيارٽي بنياد تي آرمي چيف جي مقرري جي تجويز

ڪراچي (م ڊ) وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري سينارٽي بنياد تي ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي جي بنياد تي مقررين جو مثال سڀني جي سامهون آهي.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته عمران خان خلاف جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن انهن تي سوديبازي نه ٿيندي پر قانون تحت فيصلو ٿيندو، ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي فيصلو قانون ۽ آئين موجب ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اسلام آباد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ته ڏسڻو پوندو ته عمران خان ڌمڪي ڏئي فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪرائي سگهي ٿو يا نه.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.