سنڌ ۾ اٽي بحران ۾ واڌ ، 130 رپيا ڪلو وڪرو، حڪومت ذخيره اندوزن آڏو بيوس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ختم ٿي ويل فصلن ۽ ڀاڄين جي ڪري پيدا ٿيل خوراڪ جي کوٽ کانپوءِ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي، عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، ھر طرف رڳو مھانگائي جو دانھون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن، ھڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ بھ ماڻھو ذھني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.

حڪومت منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف ڪا بھ ڪارروائي نھ ڪري سگھي آھي نھ ئي شين جي اگھھ ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ کي روڪي سگھي آھي، مارڪيٽ آٽو تي لڳي وئي آھي، روز ڀاڄين کان ويندي کائڻ پيئڻ جي شين ۾ اضافو ٿيندي ڏٺو پيو وڃي، سنڌ ۾ اٽي جي بحران تي حڪومت ڪو بھ ڌيان نھ ڏنو آھي، جنھن ڪري اٽي جا اگھھ روز جي بنياد تي وڌڻ لڳا آھن، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ھڪ سئو 110 روپين کان وڌي 120 کان 130 روپين تائين پھچي ويو آھي، ٽن ڏينھن دوران اٽو 40 کان 50 روپيا مھانگو ٿي ويو آھي.

مھانگائي جي طوفان عوام لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي، اٽو وڌيڪ مھانگو ٿيڻ ڪري غريب ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بھ پريشان آھي، حيدرآباد سميت مختلف شھرن ۾ ريزڪي دڪانن تي اٽو 125 کان 130 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن تھ فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين تي اٽو 115 روپين کان 120 روپيا تي پھچي ويو آھي. حيدرآباد ضلعي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ وارو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ لڳو آھي، فلور ملن ۽ اٽي چڪين جي مالڪن جو چوڻ آھي ته خوراڪ کاتي وارن طرفان ڪڻڪ جي فراھمي وقت تي نھ ٿي رھي آھي، جنھن سبب بحران وڌڻ جو امڪان آھي.

ريزڪي دڪاندارن جو چوڻ آھي ته اسان کي فلور ملن ۽ اٽي چڪين کان اٽو مھانگو ملي رھيو آھي، جنھن سبب اٽي جي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي آھي، مھانگائي جي اھڙي طوفان اسان دڪاندارن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن يوٽيلٽي اسٽورن تان وفاقي حڪومت پاران خاص رعايتي کاڌي پيتي واريون شيون گم ٿي ويون آھن، کنڊ، اٽو، چانور ۽ گيھھ يوٽيلٽي اسٽورن تي اڻلڀ آھي، جڏھن تھ شھرين قطارون ٺاھي يوٽيلٽي اسٽورن ٻاھران سڄو ڏينھن بيٺل بھ نظر ايندا آھن، خاص طور تي عورتن جون لائينون لڳل ھونديون آھن جيڪي پنھنجي گھر جي لاءِ رعايتي شيون خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رھنديون آھن.

جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اگهه 75 سالن جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا.14 سيپٽمبر 2022 تي اوپن مارڪيٽ ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ مهانگي ٿي وئي آهي.ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جاڙن شهرن ۾ ڪڻڪ جو اگهه 3560 رپين مان وڌي 3600 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين پهچي ويو آهي.جيڪڏهن حڪومت سرڪاري ڪوٽا ۾ فوري واڌ نه ڪئي ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ مافيا پنهنجي غيرقانوني ذخيرن جا اگهه وڌائي ڇڏيندي.مارڪيٽ ۾ 3600 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين ڪڻڪ جي اگهه جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ فلور ملز 15 ڪلو اٽي جي ٻوري جو اگهه 1600 رپين تائين ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.