پيوٽن جي شهبازشريف سان ملاقات،پاڪستان کي پائيپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي: روسي صدر

سمر قند (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سمرقند ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر پيوٽن سان سائيڊ لائن ملاقات ٿي.ان دوران روسي صدر چيو ته روس کان پاڪستان کي پائپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي، روس کان پاڪستان تائين گئس پائپ لائن اڳ کان موجود انفرا اسٽرڪچر سان ممڪن آهي، پاڪستان ۾ ايل اين جي فراهمي لاءِ اانفراسٽرڪچر جي تعمير به ڌيان جوڳي آهي، پيوٽن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان کي اهم شراڪتدار طور ڏسون ٿا، روس ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مثبت  انداز ۾ وڌي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي بي حد افسوس آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلي آهي، وڌيڪ مدد لاءِ به تيار آهيون، هن چيو ته اسان کي افغانستان جو مسئلو به حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان وٽ افغانستان جي صورتحال تي اثرانداز ٿيڻ جي صلاحيت آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل اعتماد ۽ تعميري اعليٰ سطحي رابطن، بين الپارلياماني رابطن، دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.  وزيراعظم شهباز شريف صدر امام علي رحمانک ي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. جڏهن ته تاجڪ صدر امام علي رحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ايراني عملدار پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.