ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ڍوري جي ڪم لاءِ بحريا ٽائون وارا اربين رپيا ڏنا وڃن: مراد علي شاهه

بدين /سجاول/ٽنڊو محمد خان( نمائندا ) وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته  ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ايريگيشن  ۽ شھرن جي ڊيرينيج جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ساڊا چار ھزار ڪيوسڪ فوٽ جي ڪيپيسٽي تحت ٺاھي ويئي ھئي پر تباھي آڻيندڙ برساتن سبب ٻارنهن ھزار ڪيوسڪ پاڻي سبب ايل بي او ڊي جا بند ڪمزور ٿيا آھن ، ھن اھڙو اظھار  امير شاھ سم نالي بدين ڪراچي روڊ تي ڪيمپ ۾ ستل  ٽريلر ھيٺان چيڀاٽجي فوت ٿيندڙ عدنان ،سمي ۽ افشان جي وارثن منور سامي ۽ ٻين وارثن سان فاتح ڪرڻ بعد صحافين سان ڪندي ڪيو ، ھن چيو ته ايل بي او ڊي جي کاٽي واري ڪم لاءِ ۽ پراڻ واري ڪم لاءِ اربين روپيا گھرجن مون سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي آھي ته بحريا ٽائون واري سنڌ جي زمين جا پئسا اسان کي ڏي ته سم نالن جي  ريھيبلٽيشن ڪرائينداسين ،وزير اعلي اعلان ڪيو ته فوتي ٽن سامي ٻارن جي وارثن کي ڏھ ڏھ لک معاوضو ڏنو ويندو ،۽ ھن سامھون بيٺل ڊي سي بدين کي ھدايت ڪئي ته ٻن ڏينھن ۾ سامين کي متبادل طور ھنڌ تي خيما بستي قائم ڪري کين پندرنھن ڏينھن جو راشن ڏنو وڃي ، بعد  ۾ وڏي وزير  ڊي سي بدين ۽ چيف انجنيئر شريف کيڙو   کان پراڻ ڍوري ۽ ايل بي او ڊي بابت بريفنگ ورتي . بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بدين ٻڏي چڪو آھي , ايل بي او ڊي سانگھڙ ،سانگھڙ،شھيد بينظير ڀٽو ،مير پور خاص اور بدين جي پاڻي نيڪاسي ڪري ٿي ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات ۽ ٻوڏ سبب نقصانن ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ ٺٽي کان پوءِ  سجاول پهچي مختلف رليف ڪئمپن جو دورو ڪري سموري صورتحال جو جائزو ورتو وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان گهٽجي رهي آهي ۽ ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ پاڻي جي سطح معمول تي اچي ويندي. هن چيو ته متاثرين جي وڏي انگ سبب خيما گهٽ ٿي ويا آهن جنهن لاءِ وفاقي حڪومت سان وڌيڪ خيما ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولھ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته متاثرين جون شڪايتون جائز آهن پر ايئن به ناھي ته  کين ڪجهه به ناهي مليو، کين گهڻو ڪجهه ڏنو ويو آهي، وڏي وزير سجاول ضلعي جي منارڪي ۽ ٻين حفاظتي بندن جو دورو ڪري پاڻي جي وهڪري جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي ، ڊپٽي ڪمشنر سجاول شھريار ميمڻ , ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ايم اين اي سيد ايازعلي شاھ شيرازي , ڊپٽي اسپيڪرسندھ ريحانا لغاري , ايم پي اي ھير سوھو , ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي  ۽ مختلف کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا، هوڏانهن وڏي وزير مقبرو شريف ڀرسان ٽنڊو محمد خان ضلعي انتظاميه طرفان قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري برسات ٻوڏ متاثرين کان حال احوال وٺي ۽ راشن ۽ امدادي سامان ملڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن ۾  هڪ ٻڍڙي عورت امدادي سامان ۽ راشن نه ملڻ بابت وڏي وزير کي دانهن ڏني جنهن تي وڏي وزير ڊي سي ٽنڊو محمد خان کي فوري طور سڀني متاثرن کي امدادي سامان ۽ راشن ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ، ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ، خاص معاون سيد قاسم نويد ، رليف کاتي جو معاون رسول بخش چانڊيو ، ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو۽ ٻيا گڏ هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.