ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي درآمد ۾ 7 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي امپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جولاءِ ۽ آگسٽ دوران ساليانو بنيادن تي 7 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، پاڪستان جي شماريات واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي امپورٽ تي 3.302 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي امپورٽ تي 3.087 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.