عمران جي آرمي چيف سان ملاقات، ڪاوڙ سان پڄاڻي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪافي عرصي کان اهي افواهه هلي رهيا هئا ته عمران خان جي هڪ طاقتور شخصيت سان ملاقات ٿي آهي جنهن کانپوءِ عمران خان جي روئي ۾ ته ڪابه نرمي آئي آهي.

نامياري  صحافي امداد سومري  جو چوڻ آهي ته اهڙن افواهن  تي مون  جهڙن صحافين جا ڪن کڙا ٿيا ۽ جاچ جوچ ڪئي خبر پئي ته اها ملاقات  ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ عمران خان ۽ آرمي چيف  ۾ ٿي آهي، بحيثيت صحافي اهو ڄاڻڻ جي به ڪوشش  ڪئي ته ملاقات ۾ ڪهڙا حال احوال ٿيا آهن، يا ڪهڙا  معاملا  طئه ٿيا آهن  پر ظاهر آهي ته اهڙي ڳجهي  ملاقات جا تفصيل ملڻ ناممڪن هئا.

پر هڪ صحافي جي حيثيت ۾ ڪوشش جاري رکي آخرڪار  اها هلڪي  ڄاڻ ملي ته ملاقات ضروري ٿي آهي، پر ان جي پڄاڻي  انتهائي تلخي  تي ٿي آهي، بحيثيت صحافي جي حالتن تي نظر ڦيرڻ  سان ۽ عمران خان جي غير سياسي ٻوليءَ  مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ملاقات  خوشگوار نه ٿي هوندي، ڇو ته عمران خان جي خواهش  لاڏلي ٻارواري هوندي، اها آسمان مان چنڊ لاهي ڏيڻ جهڙي هوندي جيڪا پوري ڪرڻ ڪنهن به والد جي لاءِ ناممڪن آهي پر ان ملاقات مان عمران خان کي يقيني  طور اهڙو پيغام ملي ويو هوندو، نتيجي طور عمران جي مايوسيءَ  ۾ اضافو ئي ٿي ويو هوندو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 2022-09-16 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.