ٻوڏ متاثرڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جي گهر، پاڻي لنگهه بحال نه ڪيا ته وڌيڪ تباهي ايندي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي سڄاڻ ڌرين آبپاشي، ماحوليات ۽ رٿابندي کاتي کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباھي جو ذميوار قرارڏيندي متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان تڪڙا قدم کڻڻ جي گھر ڪئي آھي. دي انٽيلڪچوئل فورم پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي سھڪار سان سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي حوالي سان سيمينار ٿيو. ان موقعي تي صوبائي وزير شھلا رضا چيو تھ ماحولياتي تبديلي جي ڪري تاريخ جي تمام وڏي تباھي کي منھن ڏئي رھيا آھيون، سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناھن، سڀني کي خبر آھي ته اسان جي بجيٽ خساري واري آھي ۽ اسان ساليانو ترقياتي پروگرام روڪي ڇڏيو آھي. سڀني متاثرن کي ھڪ ئي وقت اٽو لٽو ۽ اجھو مھيا نه ٿا ڪري سگھون. عالمي بينڪ جي سھڪار سان سنڌ ۾ 20 لک گھر تعمير ڪيا ويندا. دي انٽيلڪچوئل سورم جي سربراھ مسعود نوراني صدارتي خطاب ڪندي چيو ته جڏھن کان وٺي ملڪ ٺھيو آھي تڏھن کان سنڌ جا لکين ارب رپيا وفاق ھڙپ ڪري ويو آھي.  اسان وفاق کان 70 لک ارب رپين جو حساب گھري رھيا آھيون، سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 184 تحت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ، ٻي صورت ۾اسان پاڻ ڪيس داخل ڪرائينداسين . سنڌ کي خيرات نه کپي عوام کي پنھنجي ٽيڪس جا پيسا ڏنا وڃن. حق نه مليو ته پنھنجا حق کسي وٺنداسين. ھن چيو ته وفاق ۽ صوبي وچ  سڄو جھيڙو پيسن تي آھي .جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪو آھي، تنھن ڪري جاگيردارن کان زمينون خريد ڪري بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن . ھن چيو ته حڪومت وٽ 40 لک افغانين لاءِ زمين آھي پر  ڌرتي ڌڻين لاءِ ٽينٽ سٽي قائم  نه ٿا ڪري سگھون، بنا دير ٻوڏ متاثرن لاءِ زمين ڪڍي پلاٽ ڏنا وڃن ۽ انھن کي مستقل طورتي آباد ڪيو وڃي. عبدالخالق جوڻيجي چيو تھ ماحولياتي ماھرن 30 سال پھريان تباھڪارين جي اڳڪٿي ڪئي ھئي، ان کانپوءِ 2010 واري ٻوڏ آئي جنھن ۾ وڏي تباھي ٿي پر ھاڻ برساتن سبب سڄي سنڌ تباھ ٿي وئي آھي. سنڌ جي نياڻين کي ٿانو ھٿن ۾ ڏئي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن جي حڪمراني آھي  ۽ ھاري غلام آھن. سنڌين کي ٻين جي طرف ڏسڻ بجاءِ پاڻ ڀرو ٿيڻو پوندو. پروفيسر اعجاز قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي خزاني م کربين رپيا موجود آھن ، اھي ڪٿي خرچ ٿيندا . ھن سوال ڪيو ته جڏھن ماحولياتي ماھرن الرٽ جاري ڪيا ته رٿابندي ڇو نه ڪئي، حڪومت خاموش رھي . برساتي ٻوڏ کانپوءِ وري ڪالاباغ ڊيم جو راڳ شروع ٿي ويو آھي، سنڌ اسيمبلي ٺھراءُ پاس ڪري ته ھاڻ سنڌو درياھ تي وڌيڪ ڪو به ڊيم قبول ناھي. ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته وڏو وزير اڪيلو ٿي پيو آھي، بدنظمي، بدانتظامي ۽ بي احتياطي جي ڪري برسات زحمت بڻجي وئي،  آبپاشي کاتي جي ذميدارن کي قطار ۾ بيھاري گولي سان اڏايو وڃي. ڪراچي کان ڪشمور تائين قبضا مافيا ، وڏيرا شاھي ۽ بدمعاشن جا ڪٽڪ لٿل آھن. فيروزھ لاشاري چيو ته پي ڊي ايم اي متاثرن جي امداد ۽ بحالي ۾ ناڪام ٿي آھي، روٽي ، ڪپڙا ۽ مڪان لاءِ سنڌ تڙپي رھي آھي، عوام تي رحم ڪرڻ بجاءِ انھن کي پنھنجو حق ڏنو وڃي. اعجاز خواجا چيو تھ درياھ  جا قدرتي لنگھ بحال نه ڪيا ويا ته مستقبل ۾  وڌيڪ تباھڪاريون ٿينديون.  اڪبر ملڪ چيو  ته ڪم ڪرڻ جي نيت ۽ سچائي ھجي ته سنڌ کي ٻيھر آباد ڪري سگھجي ٿو . مولا بخش چنڊ چيو ته حڪومت خاموش ناھي ، ڪرپشن جون ڳالھيون فضول آھن. محمد يونس مھر چيو ته سنڌ ھن وقت تمام مشڪل دور مان گذري رھي آھي پر هن مان به نڪري وينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.