فوڊ اٿارٽي مطمئن نه ڪري سگهي، بند گودام کولڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ کليل گيهه ۽ تيل  وڪرو ڪرڻ   خلاف ڪيس ۾ فوڊ اٿارٽي ڪارروائي جي طريقي ڪار سان عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهي .عدالت کليل تيل ۽ گيهه جي بند گوادمن کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائين   خلاف حتمي فيصلو پوءِ ٻڌايو ويندو .عدالت جي سوال ڪرڻ تي ڊي جي فوڊ اٿارٽي ڪوالٽي  جو معيارنه ٻڌائي سگهيو .عدالت سوال ڪيو  ته عام ماڻهو کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو گيهه ۽ تيل معياري آهي ، ايراني تيل وڪرو ٿي رهيو آهي .عدالت چيو ته اهڙي حالتن ۾ پيناڊول گوري به نه ملي رهي آهي .عدالت ڊي جي فوڊ اٿارٽي  کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي تعليم ڇا آهي .ڊي جي جواب ڏنو ته مان سوشل پاليسين ۾ ماسٽر آهيان .عدالت چيو ته سوشل پاليسين جو خوراڪ سان ڪهڙو تعلق هوندو آهي ..03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.