صدر سڪرنڊ پهتو، ٻوڏ متاثرن لاءِ 5ڪروڙ امداد جو اعلان

نواب شاھه/سڪرنڊ (ايم بي چانڊيو+ لطيف جمالي)صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي شهيد بينظيرآباد پهچي سڪرنڊ ۾ ضلع انتظاميه پاران برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل خيما بستي جو دورو ڪري برسات متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ صوبي اندر برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن سال سڀ کان گهڻو نقصان ٿيو آهي جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن متاثرين جي واهر لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي وسيلن آهر ڪم ڪري رهيون آهن پر هن ڏکي صورتحال ۾ ماڻهن جي مدد ۽ سندن بحالي لاءِ غير ملڪي امداد سان گڏوگڏ سرندي وارا ماڻهو پڻ اڳتي اچن صدر پاڪستان جو وڌيڪ چوڻ هو ته انتظاميه پاران 15 ڏينهن اندر پاڻي ۾ گهٽتائي اچڻ جو ٻڌايو ويو آهي اميد آهي ته پاڻي لهڻ کانپوءِ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي جلد کان جلد سندن گهرن ڏانهن ٻيهر آباد ڪيو ويندو ڊاڪٽر عارف علوي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ روپيا امداد جو اعلان ڪيو ۽ ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرين لاءِ صحت، تعليم ۽ ٻين سهولتن تي اطيمنان جو اظهار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.