بدين ڀرسان ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه،آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽ انتھائي نازڪ صورتحال

بدين (ڊ ر) بدين ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي ۾ چاڙهه سبب آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽ انتھائي نازڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي،پاڻي جي دٻاءُ سبب بند ۾ ڏار پئجي ويا، علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو،سم نالي ۾ چاڙهه سبب گھاري ڳڻ جو خدشو وڌي ويو.ڀرپاسي جي عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو جڏهن ته انتظاميه هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي.انتظاميا کان آسرو پلي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ ڪٽا لڳائي ڪپر ٻڌي رھيا آھن جڏھن ته سليم جوڻيجو، نور حسن لنڊ، مدد علي لنڊ ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نااھل انتظاميه ھٿ سان ٻوڙائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، اسان جي ڪا به واھر نه ٿي سگھي آھي، اسان جا ٻچا ٻڏن ٿا، انتظاميا کي ڪا به پرواهه ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.